اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) جون 2021ع تائين 8 ملين ماڻهن کي احساس ڪفالت پروگرام تحت 12 هزار رپين جي مالي امداد ڏني ويندي، وفاقي حڪومت ڪوويڊ 19 جي ڪري روزگار متاثر ٿيڻ سبب احساس ڪفالت پروگرام تحت 4 ملين ماڻهن کي هڪ ڀيرو 12 هزار رپين جي مالي معاونت جو فيصلو ڪيو آهي، ڪا??ينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي واپڊا جي پ??ڻي وسيلن جي منصوبن جي منافعي جي وقت سر ورڇ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع تحت 12 م??تل?? نوٽيفڪيشنز جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي جنهن سان روانگي ??اپار ۽ آمدني واپار جي حوالي سان پيپر ورڪ ۾ گهٽتائي ۽ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. ن??ڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب ن??ڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ اي سي سي جو اجلاس ڪا??ينا ڊويزن ۾ ٿيو.