اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان عزم جو اظها?? ڪيو آهي ته پاڪستان سمورن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي ??ڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ عالمي برادري ۽ سمورين افغان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪن??و رهندو. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جيڪو افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ طلب ڪيو و??و هو. اجلاس ۾ سينيئر ڪابينا ميمبرن ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪئي. شرڪت ڪن??ڙن کي افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان جي پاڪستان ۽ خطي تي ??مڪن اثرن تي بريفنگ ڏني وئي. خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. قومي سلامتي ڪميٽي نوٽ ڪيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڏهاڪن تي ??ڌل جاري تڪرارن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي تنهن ڪري هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو و??و ته عالمي برادري پاڪستان جي چار ڏهاڪن کان ڏني ويندڙ قربانين جو اعتراف ڪري. شرڪت ڪن??ڙن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان افغانستان ۾ سمورن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي ??ڌڻ جو واحد رستو آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي به ورجايو و??و ته پاڪستان عالمي برادري ۽ سمورين افغان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل ۾ سهولت جي لاءِ ڪم ڪن??و رهندو. ان ڳالهه تي زور ڏنو و??و ته افغانستان ۾ عدم مداخلت جي اصول تي سختي سان قائم رهڻ گهرجي. ڪميٽي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظها?? ڪيو ته هيستائين تشدد جي ڪنهن وڏي واقعي کي ٿيڻ نه ڏنو و??و ۽ افغانستان ۾ سمورين ڌرين تي زور ڏنو و??و ته قانون جي عملداري جو احترام ڪيو وڃي، سمورن افغانين جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪا به دهشتگرد تنظيم يا گروهه افغان سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪري سگهي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند سمورن پاڪستانين، سفارتڪارن، صحافين ۽ عالمي تنظيمن کي واپس آڻڻ جي لاءِ سمورين ممڪن سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ رياستي ??شينري جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي پاڪستان جي موقف کي ورجايو ته افغانستان ۾ تڪرار جو ڪڏهن به ڪو فوجي حل نه هو، تڪرار کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جو بهترين وقت اهو ٿي سگهيو پئي جڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج ڀرپور عسڪري طاقت سان افغانستان ۾ موجود هئي. افغانستان ۾ پرڏيهي فوج جي وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين موجودگي سان به ڪي مختلف نتيجا نه نڪرن ها تنهن ڪري بائيڊن انتظاميا پاران فوج جي واپسي جي حوالي سان گذريل آمريڪي انتظاميا جي فيصلي جي توثيق حقيقت ۾ ان تڪرار جو منطقي حل آهي. ڪميٽي چيو ته عالمي برادري جي لاءِ هي وقت آهي ته اها افغانستان ۾ پائيدار امن، سيڪيورٽي ۽ افغانستان ۽ خطي جي ترقي جي ٺوس سياسي حل کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪري.