اسلام ??باد – 18 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ڪربلا واقعو الله تعاليٰ ۽ آخرت جي ڏهاڙي تي پڪو ايمان آهي، بي مثال تقويٰ، الله جي راهه ۾ صبر ۽ قرآن مجيد ۾ بيان شهادت جي جذبي جو هڪ بهترين نمونو آهي جنهن کي قيامت تائين ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن يوم عاشورا جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪي?? جيڪو حضرت امام ??سين رضه جي عظيم قرباني جي ياد ۾ 10 محرم الحرام ??ي مذهبي عقيدت ۽ احترام ??ان ملهايو ويندو آهي.
ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي حضرت امام ??سين رضه ۽ سندس ساٿين جي عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو ۽ جيڪي هنن حق ۽ سچ جي خاطر ڏنيون. هن چيو ته حضرت امام ??سين رضه ۽ سندس ساٿي قرآني تعليم، برداشت، قرباني ۽ شهادت جي جذبي جو هڪ لازوال مثال آهن. اسد قيصر چيو ته مسلم??ن جي حيثيت سان اها س??ن جي گڏيل ذميداري آهي ته ا??ان انهن شيطاني قوتن جي سامهون ڄمي بيهون جيڪي پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ انتشار پکڙي رهيون آهن، هن چيو ته ڪربلا جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ا??ان انسانيت جي ڀلائي ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيون. هن يوم عاشورا جي قرباني کي باطل جي خلاف ڏنل عظيم قرباني قرار ڏيندي چيو ته اها قرباني قيامت تائين ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندي.
ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪربلا واقعو حق ۽ باطل قوتن جي وچ ۾ پيش آيو اهو مسلمانن کي باطل قوتن جي خلاف بي خوف مقابلو ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته اهو ئي رستو آهي جنهن تي اس??ن جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ عمل پيرا ٿيڻ جي تعليم ڏني جنهن تي هلي حضرت امام ??سين رضه ۽ سندس ساٿين لازوال قربانيون پيش ڪيون، هن چيو ته ڪربلا جو واقعو اهو درس ڏي ٿو ته ملڪ ۽ قوم کي جڏهن ته ڪا به مشڪلات پيش اچي ته ا??ان کي ڪنهن به قسم جي قرباني کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي.