اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه جي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. ڳالهين ۾ افغانستان بابت خاص نمائندي سفير محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمد، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تا??ڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير برطانوي پرڏيهي وزير کي وفد سميت پرڏيهي وزارت آمد تي سندن آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته توهان جو هي دؤرو اهڙي تا??يخي وقت تي ٿي رهيو آهي جڏهن افغانستان جي صورتحال اهم تا??يخي موڙ تان گُذري رهي آهي. هن چيو ته 16 آگسٽ ۽ 27 آگسٽ تي به توهان سان ٽي??يف??نڪ رابطو ٿيو هو. اسان افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو هو. وزيراعظم عمران خان ۽ برطانيه جو وزيراعظم بورس جانسن وچ ۾ پڻ ٽي??يف??نڪ رابطو ٿيو ۽ افغانستان جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير برطانوي هم منصب کي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيل تا??ن رابطن کان به آگاهه ڪيو. هن چيو ته ا??غانستان جي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، اطمينان جوڳي ڳالهه ا??ا آهي ته ا??غانستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران رتوڇاڻ ناهي ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته طالبان قيادت طرفان معام معافيءَ جو اعلان، حقن جو تحفظ ۽ افغان ڌرتيءَ کي ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جو يقين ڏيارڻ حوصلو ڏيندڙ آهي. هن چيو ته ا??غانستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو هڪ سونهري ۽ تا??يخي موقعو آهي. عالمي برادريءَ کي 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيل غلطين مان سبق سِکندي افغانستان جي انساني ۽ مالي معاونت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڳيان وڌڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته ا??غانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته گهرو ويڙهه، معاشي بحران، پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته اسان ان نازڪ موقعي تي امن مخالف قوتن ”اسپائيلرز“ تي به ڪڙي نظر رکون ٿا جيڪي افغانستان ۾ امن جي ڪوششن کي تباهه ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جو حامي آهي، افغانستان ۾ امن پوري خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي. افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۾ خطي جي پاڙيسري ملڪن جو دؤرو ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي تا??ڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران جي قيادت سان ٿيل ملاقاتون حوصلو ڏيندڙ ۽ نفعي بخش رهيون. پاڪستان 24 ملڪن جي سفارتي عملي، شهرين ۽ عالمي ادارن جي اهلڪارن کي ڪابل مان سندن ملڪ آڻڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه ا??غانستان جي موجوده صورتحال تي لڳاتار رابطي ۾ آهن. برطانوي پرڏيهي وزير ڪابل مان برطانوي شهرين ۽ سفارتي عملي کي افغانستان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ معاونت تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا. برطانيه طرفان پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي آهي، اسان کي اميد آهي ته برطانيه ا??گن اکرن کي سامهون رکندي پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪندو.