اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ت?? نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ جوابدار شهباز شريف سان مشاو??ت نه ٿي ٿي سگهي، ڪڏهن ڪنهن جوابدار کان پڇيو ويو ته جاچ ڪندڙ ڪير هوندو؟ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صح??في?? سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف کي اخلاقي طور تي مخالف ڌر اڳواڻ نه هجڻ گهرجي، شفاف اليڪشن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ شهباز شريف آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 موجب اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ت?? اها صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي، ان ح??ال?? سان سپريم ڪورٽ جا به واضح حڪم آهن.