ملتان – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي حيات طيبه جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي، عوام جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي تقريبن ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺي رهي آهي،
هن چيو ته ڪجهه قوتون پ??ڪستان ۾ افراتفري ۽ انتشار چاهين ٿ??ون پ?? انهن جا ارادا پورا نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ان مبارڪ ڏينهن ۾ الله تعاليٰ کان دعا ڪريان ٿ?? ته هو پاڪستان کي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکي.
شاهه محمود قريشي چيو ته عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي سڄي ملڪ مان شهري نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو ڀرپور اظهار ڪري رهيا آ??ن، هن چيو ته دعاڳو آهيان ت?? رب العالمين انهن جي عقيدت کي قبول فر??ائ?? ۽ دعاڳو آهيان ته الله پاڪ پاڪستان کي خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام نصيب فر??ائ??.