اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي رياض ۾ پنهنجي سعودي هم منصب شهزاد ??يصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي سطح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي س??ڪر??ٽري سهيل مح??ود ۽ سفارتخاني جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي ماحوليات جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس جي انعقاد تي سعودي هم منصب کي مبارڪباد ??يش ڪئي ۽ چيو ته ماحوليات جي حوالي سان منعقد اها ڪانفرنس خطي ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪانفرنس آهي، شاهه مح??ود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته ان ڪانفرنس جي انعقاد سان خطي جي ملڪن کي ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي موقف اختيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفي لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگو??ر لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ سال نيويارڪ ۽ اسلام آباد ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي سطح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير سعودي هم منصب کي افعانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحرن جي خطري کان آگاهه ڪندي افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ عالمي برادري پاران ٺوس ۽ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.