اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ڪم کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ جي آٽوميشن سان ??ارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته ان سان ??وري فيصلا ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي، حڪومت مختلف وزارتن/ ڊويزنن کي ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جنهن جو مقصد احتساب ۽ شفافيت کي وڌائڻ سان گڏوگڏ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. صدر اها ??ال??ه پارليامينٽ هائوس ۾ سائبر ايفيشينٽ پارليامينٽ جي لاءِ صدر جي قدمن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ايم اين اي شير علي ارباب، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي سيڪريٽري طاهر حسين، آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت جي سيڪريٽري حامد يعقوب پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ان ??وقعي تي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي پي سي ون منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت کي پيش ڪئي وئي آهي. اجلاس ان ??نصوبي ۾ شامل فني معاملن جي نگراني ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ??ال??ه تي زور ڏنو ته ملڪ پارليامينٽ جي آٽوميشن ۾ دير کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن سمورين لاڳاپيل ڌرين کي چيو ته ان ??نصوبي کي ان جي ڏنل ٽائيم لائين يعني جنوري 2023ع کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته معلومات ۽ مواصلات جي جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن چوٿين صنعتي انقلاب جي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي.