اسلام ??با?? – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب پي ٽي آءِ جي نئين تنظيمي عهديدارن کي مبارڪبا?? ڏيندي چيو آهي ته جنرل سيڪريٽري اسد عمر، سنڌ جي علي حيدي زيدي، خيبرپختونخواهه جي پرويز خٽڪ، بلوچستان جي قاسم خان سوري، پنجاب جي شفقت محمود ۽ ڏکڻ پنجاب جي صدر خسرو بختيار تنظيمي معاملن کي بهترين انداز سان هلائيندا، وز??راعظم عمران خان پارٽي معاملن کي منظم ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ اهو قدم کنيو. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جنهن جي سمورين اڪائين ۾ نمائندگي آهي. سڄي ملڪ ۾ پارٽي ڪارڪن نئين قيادت کي مضبوط بڻائيندا. هن چيو ته انشاءَ الله خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور ??اميابي حاصل ڪنداسين.