بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي غلبي کي علائقائي امن لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ ظلمن تي ڌيان ڏيڻ ??هر??ي، افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تعاون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مفاد ۾ آهي، درپيش چئلينجن جي پيش نظر دنيا هاڻي هڪ ٻي سرد جنگ جي سٽ نٿي سهي سگ??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان چين جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ پاڪستان اسٽيڊيز سينٽرز جي سربراهن ۽ نمائندن سان خصوصي اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس دوران وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن جي اهميت ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن گهڻ رخي فورمز تي پاڪ – چين گڏيل موقف کي اجاگر ڪندي ون چائنه پاليسي ۽ بنيادي مفاد رکندڙ ٻين معاملن تي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪشمير تڪرار تي چين جي پختي حمايت تي به ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چين سان پاڪستان جي سدابهادر اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪندي ??در شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي هڪ اهم منصوبي جي طور تي سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جتان کان سي پيڪ جو پهريون مرحلو بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ رابطي تي مرڪوز هو اتان ايندڙ مرحلي ۾ صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ ٻين ماڳن جي برابر يا ان کان بهتر مراعتن جي آڇ ڪري رهيو آ??ي. ??زيراعظم زور ڏنو ته بي شمار عالمي چئلينجن جي پيش نظر دنيا کي هڪ ٻي سرد جنگ جي ضرورت نه آهي، ورهاست جي نتيجي ۾ مصيبتن ۾ اضافو ۽ گڏيل فائدن کان محرومي جو خدشو آ??ي. ??زيراعظم چيو ته پاڪستان جو اهو عزم هو ته عالمي سياست ۾ تصادم بدران تعاون ٿيڻ ??هر??ي، پاڪستان ماضي ۾ ان ڏس ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هو ٻيهر اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آ??ي. ??زيراعظم پاڪستان جي قومي سلامتي پاليسي جو حوالو ڏيندي ??ور ڏنو ته سندس حڪومت اهڙي پاليسي ۾ اقتصادي ??لامتي کي بنيادي ??هميت ڏني آهي، اهو ويزن رابطن ۽ ترقياتي حصيداري تي ٻڌل آهي، جنهن لاءِ چين ۽ پاڪستان جي حصيداري اڻٽر آهي. علائقائي تناظر کي بحث هيٺ آڻيندي وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ تعاون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مفاد ۾ آهي، هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته افغانين کي ان مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، هن امن، ترقي ۽ رابطن جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان ۽ چين جي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي ڪاهه کي علائقائي امن لاءِ خطرو ۽ خطي جي ڊگهي عدم استحڪام جو سبب قرار ڏيند?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي مسلسل ظلمن طرف ڌيان ڏياريو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڪشميرين جي خلاف ڀارتي ظلمن تي ڌيان ڏي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي رابطن سميت عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل خطرن ۽ موقعن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ لاءِ گڏيل تحقيق ۽ فڪري مڪالمي لاءِ وڌيڪ ڪوششن تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش??، ناڻ?? واري وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابند?? واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، قومي سلامت?? واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.