اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چاڊ جي پنهنجي هم منصب محمد زين شريف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وز??رن ٻطرفي تعاون جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ چاڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي، سفارتي، واپاري ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آف??س جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وز??رن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، پرڏيهي وز??ر چيو ته ??اڪستان ۽ چاڊ جي وچ ۾ گڏيل ا??تماد تي ٻڌل گڏيل تاريخ ۽ حصيداري جي بنياد تي ٻطرفا لاڳاپا هموار آهن. پرڏيهي وز??ر گڏيل قومن، آفريقي يونين ۽ او آءِ سي سميت علائقائي ۽ عالمي فورمز تي چاڊ جي مثبت ۽ فعال ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ چاڊ هم منصب کي حڪومت جي انگيج آفريقا پاليسي جي مقصدن کان آگاهه ڪندي ان سلسلي ۾ هن وقت تائين کنيل ٺوس قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ??اڪستان ”انگيج آفريقا“ پاليسي جي تحت ??يروبي ۽ ابوجا ۾ ترتيبوار جنوري 2020ع ۽ نومبر 2021ع ۾ ٻن علائقائي واپاري اي ڪانفرنس جو ڪامياب انعقاد ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وز??رن ٻطرفي تعاون جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ چاڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي، سفارتي، واپاري ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ ۽ پنهنجي لاڳاپيل وزارتن جي وچ ۾ مسلسل رابطن جي ذريعي ٻطرفي ميڪنزم قائم ڪرڻ ۽ چاڊ جي نوجوان سفارتڪارن کي فارن سروسز اڪيڊمي اسلام آباد ۾ تربيت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.