ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ گرينڊ مسجد ۽ اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪيو. وفاقي وزير ۽ وفد سان م??مب?? وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم عمران خان ۽ گرينڊ مفتي جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان ڳا??هه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ان موقعي تي ڳا??هائيندي چيو ته ان مسجد جو ڪم گهڻو وقت اڳ شروع ٿيو پر ان کي 2014ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته مون کي دوري دوران ٻڌايو ويو آهي ته روس ۾ 2 هزار مسجدون آهن. وزيراعظم چيو ته منهنجي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان اسلامو فوبيا جي حوالي سان ٺوس ۽ تفصيلي ڳا??هه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته روسي صدر جو نبي ڪريم ﷺ جي حوالي سان محبت جو اظهار قابل تحسين ڳا??هه آهي. هن چيو ته صدر سان ملاقات دوران مون چيو ته اسان کي ان صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي. بدقسمتي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان نفرتون پيدا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ان حوالي سان پوري ڪوشش ڪندو ته اولهندي ملڪن کي اسلام جي حوالي سان آگاهي ڏي ۽ ٻڌائي ته اسلام جو دهشتگردي سان ڪو به واسطو نه آهي. هن چيو ته روس جي گرينڊ مسجد هڪ خوبصوت مسجد آهي.