اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اي آر وائي جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون اهو واڪ واري ڪانٽريڪٽ کا?? مختلف هو، اصل واڪ جي نتيجي ۾ اي آر وائي ٻئي نمبر تي هو، اهو سڌوسنئون فراڊ هو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اصل واڪ جي نتيجي ۾ اي آر وائي ٻئي نمبر تي آيو، پي ٽي وي غيرقانوني طور تي اي آر وائي سان سودو ڪيو، ٻئي نمبر تي اچڻ تي واڪ ۾ بهتري آڻڻ جي گهرج ڪئي وئي، ناڪامي تي اي آر وائي کي ٺيڪو ڏيڻ جي لاءِ معيار ئي تبديل ڪيو ويو. هن چيو ته اي آر وائي جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون اهو واڪ واري ڪانٽريڪٽ کا?? مختلف هو، اهو سڌوسنئون فراڊ هو، توهان هينئر کا?? ئي گهٻرائي ڇو ويا آهيو؟