اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) پا??ستان ۾ 30 لک افغان پناهگيرن کانپوءِ روهنگيا واسين جو انگ به 4 لک تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته پا??ستان جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته عالمي برادري کي افغان پناهگيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، پا??ستان هن وقت به 30 لک کان وڌيڪ افغانين جي ميزباني ڪر?? رهيو آهي، جڏهن ته 4 لک روهنگيا واسين به پا??ستان ۾ پناهه حاصل ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ بيان ۾ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ ساٿ ڏين، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پا??ستان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي ياد ۾ عالمي برادري سان گڏ آهي، ان ڏينهن کي ملهائيندي اسان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان جبري لڏپلاڻ جي محرڪن تي غور ڪريون ۽ تڪرارن جي روڪٿام ۽ انهن جي حل سميت پناهگيرن جي هالتن لاءِ پائيدار حل ڳولڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڏينهن عالمي بار ۽ ذميداري جي سهڪار جي اصول تحت پناهگيرن جي تحفظ لاءِ اسان جي اجتماعي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو به موقعو آهي، بيان موجب پا??ستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ ڊگهي ترين پناهگيرن جي حالتن ۾ هڪ جي ذميداري پنهنجي ڪلهن تي کنئي آهي، پا??ستان 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪر?? رهيو آهي جڏهن ته 4 لک روهنگيا واسين به پا??ستان ۾ پناهه حاصل ڪئي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيئن جيئن سڄي دنيا ۾ نيون حالتون اڀر?? رهيون آهن عالمي برادري کي افغان پناهگيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرج??، ڪووڊ سان جڙيل سماجي، اقتصادي ۽ صحت جي چئلينجن جي ڏس ۾ نئين عالمي عزم جي ضرورت آهي، افغان پناهگيرن لاءِ باقاعده، متوقع ۽ مناسب مالي امداد جي ذريعي انهن جي محفوظ ۽ باوقار واپسي جي ضرورت آهي، پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغان جي استحڪام ۽ پائيدار سم??جي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري قدم کڻڻ اهم آهي ته جيئن مستقبل ۾ پناهگيرن جي ملڪ مان نڪرڻ جي امڪانن کي روڪي سگهجي، پا??ستان ان ڏينهن جي مناسبت سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري يو اين ايڇ سي آر کي سڄي دنيا ۾ پناهگيرن ۽ ميزبان برادري جي حمايت جي واکاڻ جوڳي ڪم تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پا??ستان يو اين ايڇ سي آر سان پنهنجي قابل قدر سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو منتظر آهي، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو سڄي دنيا ۾ پناهگيرن لاءِ پائيدار هل لاءِ ان جي ڪوششن ۾ تنظيم جو ساٿ ڏي.