اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي ??دايت تي حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ مهم جي رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي مهم جو حصو بڻجڻ جي خواهشمند رضاڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي 1166 تي ڪال ڪري پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سلمان صوفي چيو ته اهڙا ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي سي پي آر ۾ پيشيواراڻي تربيت يافته آهن اهي رضاڪارن جي تربيت لاءِ رجسٽريشن ڪرائين، مهم جو حصو بڻجن، تربيت حاصل ڪن، 10 وڌيڪ ماڻهن کي بنيادي سي پي آر جي ??ريننگ ڏين ۽ انعام حاصل ڪن. هن ٻڌايو ته ٽريننگ جي رجسٽريشن لاءِ ڪنهن به عمر جا ماڻهو اهل هوندا. هن نوجوانن، عورتن، ٻارن ۽ وڏي عمر جي ??اڻهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته ايمرجنسي ??ي صورتحال ۾ وقت سر سي پي آر سان ڪنهن انسان جي حياتي بچائي سگهجي ??ي.