ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري دفاعي تجزيه نگ??ر ۽ تعليمي ماهر پروفيسر علي سخن ور چيو آهي ته ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري ڪشمير جي حوالي سان سڄي خطي جي صورتحال کي عدم استحڪام جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏ??اڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جا تمام وڏا منفي ا??ر پوندا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. 1989ع کان وٺي هيستائين ڀارتي فوجين هڪ لک ڪشميرين کي قتل ڪيو، 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست دوران ماري?? ويو، 11 هزار کان وڌيڪ عورتن کي بي حرمتي جو نشانو بڻاي?? ويو جڏهن ته 11 لک کان وڌيڪ ٻارن کي يتيم ۽ اٽڪل 23 هزار عورتن کي بيواهه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري ان بدترين صورتحال جو نوٽيس وٺي ته جيئن ڪشميرين جي آزادي جو خواب پورو ٿي سگهي.