اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪش??ير جي وزير??عظ?? سردار تنوير الياس خان استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڄيو آهي ته تحريڪ آزادي ڪش??ير جي ڏس ۾ 5 آگسٽ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت جي قابض ۽ غاصب حڪومت والاريل ڪش??ير جي رياست جي عوام جي منشا جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪش??ير کي مليل خصوصي حيثيت 370 ۽ 35 اي کي هڪ ناقابل قبول فرمان ذريعي ختم ڪري ڄمون ۽ ڪش??ير کي ڀارت ??ي يونين ٽيريٽري بڻائي ڇڏيو، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جيڪي قدم کنيا ۽ جنهن جو اطلاق هن ان کانپ??ءِ ڪيو اهي بنيادي طور تي ڪش??يرين کان انهن جي سڃاڻپ، انهن جي زبان، انهن جي تهذيب، انهن جي رهڻي ڪهڻي کسڻ جو هڪ ڪڌو منصوبو آهي. هن چيو ته رياست ڄمون ۽ڪشمير جي اندر رهندڙ مسلمان، هندو، سک، ٻڌمت ڀ قومون ان سازش کان باخبر ٿي چڪيون آهن ته ڪهڙي طرح انهن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي ملڪ جي اندر ٻئي درجي جو شهري بڻايو آهي. هن چيو ته ڀارتي وزير??عظ?? مودي هندوتوا جي انتهاپسنداڻي نظريي تي عمل پيرا آهي، ان جي ان قدم سان خطي ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهتو آهي ۽ بدامني کي هوا ملي آهي. آزاد ڪش??ير جي وزير??عظ?? چيو ته آئون گڏيل قومن خاص طور تي پي 5 ملڪن کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي ان ۾ مداخلت ڪن ۽ ڀارت کي روڪين، شق 370 ڪش??يرين جي لاءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي پر 35 اي جيڪو 1927ع جي قانون آئي ايل 84 تحت ڪش??يرين کي انهن جي سڃاڻپ ڏني هئي، ان جي بحالي لاءِ ڪش??يرين کي ان وقت تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي جيستائين ڪش??يرين کي گڏيل قومن جي قراردادن تحت انهن جي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي، جنهن تحت ڪش??يري پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن.