اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ اسٽالز لڳي ويا جتي قومي جهنڊن، بي??ز ۽ اسٽيڪرز جو وڪرو جاري آهي، ننڍن ٻارن جي لاءِ جشن آزادي جي مناسبت سان لباس ۽ شرٽس جي انهن اسٽالز تان خر????ار?? جاري آهي، هر طرف سبز هلالي جهنڊن جي بهار اچي چڪي آهي، دڪانن، گهرن ۽ گاڏين تي قومي جهنڊا لهرايا پيا وڃن جڏهن ته نوجوانن پنهنجي پنهنجي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن کي پڻ قومي جهنڊن سان سين??ار?? ڇڏيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن اي پي پي جي سروي موجب شهر جي مختلف علائقن، گهٽين، پاڙن، رستن، عمارتن ۽ ٻين جاين کي انتهائي خوبصورتي سان سجايو پيو وڃي. خاص طور تي ٻارن ۾ جشن آزادي ملهائڻ جي تيارين جي حوالي سان جوش ۽ جذبو ڏسڻ جهڙو آهي. شهر جي سمورن علائقن ۾ جشن آزادي جي حوالي سان پاڪستاني جهنڊن، جهنڊين، بي??ز ۽ ٻين سجاوٽ وارين شين جي وڪري جي لاءِ سوين عارضي اسٽالز لڳ??يا ويا آهن، جتان شهري جشن آزادي ملهائڻ جي لاءِ مختلف سجاوٽ ??ون شيون خر??د ڪري سگهن ٿا. ٻار، وڏا بزرگ ان اهم ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ هر طرح جي تيارين ۾ مصروف اچن ٿا.