اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقي??تي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان کي آفتن جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مالي??تي وسيلن ۽ استعداد ۾ اضافي ج?? ضرورت آهي. اها ڳالهه ايشيا ترقي??تي بينڪ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2010ع ۽ 2015ع ۾ آيل ٻوڏ ملڪ ۾ آبادي ج?? لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ آبادگارن کي 32.6 ارب روپين جو نقصان پهچايو جڏهن ته متاثر آبادگارن جي مدد لاءِ حڪومت پاڪستان 6.7 ارب روپيه (67 ملين ڊالر) فراهم ڪيا، جيڪي گهربل رقم جو صرف 18.5 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ قومي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊز جي مالي ۽ فني مهارت ۾ اضافو ۽ ان حوالي سان لاجسٽڪ ۽ دائريڪار ۾ توسيع جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي. 2010ع جي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ ايڪٽ تحت نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو، هر صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ج??هن جو مقصد متاثر آبادي کي رهائش، خوراڪ، پيئڻ ??و صاف پاڻي، طبي امداد ۽ ٻين خرچن کي پورو ڪرڻ آهي. ايشيائي ترقي??تي بينڪ مطابق فنڊز کي فعال ڪرڻ، مالي??تي طريقيڪار جي بهتر نظام ۽ صوبن ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار کي معياري بنائڻ ??هميت رکي ٿو.