اسلام آباد-26 سي??ٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي صحت جي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ضلعن ۾ روزاني جي بنياد ??ي هيلٿ ڪئمپون لڳائي رهيا آهيون. هيلٿ ڪئمپون وفاقي ايمرجنسي آپريشن سي??ٽر پوليو صوبائي ايمرجنسي پوليو سي??ٽرز ۽ آغا خان جي سهڪار سان لڳائي رهيا آهيون. هن چيو ته گذري?? ڏينهن سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ 44 جڏهن ته ڪي پي ڪي جي 8 ضلعن ۾ 16 هيلٿ ڪئمپس لڳايون ويون، اهڙيءَ طرح پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ 4، بلوچستان جي 7 ضلعن ۾ 13 ۽ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 11 هيلٿ ڪئمپون لڳايون ويون. مجموعي طور 5644 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 5 سالن کان گهٽ عمر جي 1262 ??ار?? کي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته هيلٿ ڪئمپس ۾ 705 ??ار?? کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا ۽ انهن ڪئمپن ۾ 222 ??ار?? کي حفاظتي ٽُڪا پڻ لڳايا ويا.