اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير چي?? آهي ته اسان لاءِ سڀني کان وڏو چي??نج ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موجود 6 لک کان وڌيڪ ڳورهارين عورتن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي جان بچائڻ آهي، متاثر علائقن ۾ هيلٿ ڪيمپس لڳايا پيا وڃن جتي ٽائيفائيڊ، چمڙي ۽ نمونيا سميت ڪيترن ئي بيمارين جو علاج جاري آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گلو??ل فنڊ جي پاڪستان جي سينيئر منيجر ازسڪان سان ملاقات دوران ڪيو. پاڪستان ۾ گلو??ل فنڊ جي صحت واري وزارت جي اختيارين سان ايندڙ ٽن سالن جي امداد بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي گلو??ل فنڊ جي سينيئر منيجر ازسڪان چي?? ته ڏکين حالتن باوجود وفاقي حڪومت جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ سند صحت جي حوالي سان قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چي?? ته گلو??ل فنڊ جي مدد سان پاڪستان جي صحت جي اختيارين ٽي ب??، ايڊز، مليريا ۽ پبلڪ هيلٿ ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان اڳتي پڻ پاڪستان جي حڪومت سان گڏجي صحت جا مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان سمورا سمڪاني قدم کڻنداسين، ملاقات ۾ ڪامن ميڊيڪل يونٽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر مصطفيٰ جمال قاضي پڻ موجود هو.