اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين ??ان پيدا ٿيندڙ ن??صانن جي ازالي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي واضح ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ ماحويلياتي ۽ موسمياتي تبديلين ۽ ترقيءَ جي باري ۾ جاري ڪيل هاڻوڪي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي گرمي جي شديد لهر ۽ تباهه ڪُن ٻوڏ ??ان ان حقيقت جي عڪاسي ٿي ريه آهي ته موسمياتي تبديلين ??ان ٿيل آفتن پاڪستان جي ترقياتي عزم ۽ غربت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي. رپورٽ مطابق هاڻوڪي ٻوڏ ??ان 1700 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون جڏهن ته 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. ٻوڏ ??ان بنيادي ڍانچي، ملڪيتن، فصلن ۽ چوپائي مال کي تمام گهڻو نقصان پهتو. پاڪستان ۽ انهن جي عالمي شراڪتدارن جي هڪ محتاط ڪاٿي مطابق ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي جي جوڙجڪ لاءِ خاطرخواه سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي، ان مد ۾ پاڪستان جي عالمي سهڪار جي ضرورت هوندي. ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پيا ٿيندڙ انساني بحران موسمياتي تبديلين جي ڪارڻ پاڪستاني عوام ۽ معيشت کي وڌيڪ نقصان کان روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائيءَ جي سلسلي ۾ هڪ وارننگ آهي. عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ خوراڪ ۽ـ زراعت جي نظام ۾ ايٽمي تبديليون، موسمياتي ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي ۽ شهرن جي تعمير، پائيدار ۽ ماحول دوست توانائي، پائيدار ۽ منصفاڻي ترقي ۽ ماحويلاتي لچڪ لاءِ انساني سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، ماحولياتي تبديلين کي مُنهن لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ پاليسين ۾ تبديلي، مراعتن ۽ ملڪن ۾ سڌيءَ ريت ۽ نجي عالمي سيڙپڪارن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.