اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي باجو?? ۾ ??هشتگردن جي فائرنگ جي مذمت ۽ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان باقي رهيل دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رکنداسين. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته قوم جي خا??ر جان جو نذراڻو پيش ڪرڻ وارا جيڪي هن قوم جو اثاثو ??هن. باقي رهيل دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رکنداسين. صدر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ پونئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.