اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر ا??ٽر??رائيزز جنهن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بو??ڊ ڪئي آهي انهن جي نجڪاري جي عمل کي تيز بڻايو وڃي، نجڪاري جي عمل ?? شفافيت اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي عمل ??ي رفتار جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر ا??ٽر??رائيزز جي نجڪاري جي عمل ??ي حوصلا افزائي ڪري ٿي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر ا??ٽر??رائيزز جن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بو??ڊ آهي انهن جي نجڪاري جي عمل کي تيز بڻايو وڃي. جڏهن ته ان عمل کي شفاف انداز ۽ ا??ٽر??يشنل بيسٽ پريڪٽسز جي روشني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، و??يراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، و??يراعظم جي خصوصي صلاحڪار محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.