اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف وڪيل تحفظ ايڪٽ جي منظوري جي اجازت ڏيندي خاطري ڪرائي آهي ته اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري جي حوالي سان وڪيل برادري سان ڀرپور مشاورت ڪئي ويندي، بار ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي اپيل جي حق جي مطالبي تي بل جو مسودو آڻي، حڪومت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي حق اپيل جو بل پارليامينٽ ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪندي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز جي نئين چونڊيل اعليٰ عهديدارن ج?? وفد جي ملاقات وزي??اع??م هائوس ۾ ٿي. اجلاس ۾ وزي??اع??م نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وڪيلن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي، آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري جي بي شمار قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، حڪومت بار جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي، گذريل حڪومت ملڪ جي هر شعبي کي پنهنجي نااهلي سان نقصان پهچايو، گذريل حڪومت ۾ آئين ۽ قانون جي خلاف ورزيون عروج تي پهتيون. وزي??اع??م وڪيل برادري جي جدوجهد کي ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ اهم قرار ڏيندي انهن جي قربانين کي ساراهيو. وزي??اع??م چيو ته وڪيل برادري ملڪ ۾ آئين جي تحفظ ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ سائين هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزي??اع??م چيو ته وڪي??ن گذريل حڪومت جي هر غيرآئيني قدم جي خلاف موثر طريقي سان آواز اٿاريو جنهن تي اهي داد جا مستحق آهن. وفد وزي??اع??م کي پاڪستان بار ڪائونسل، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ڪائونسل ۽ صوبن جي بار ڪائونسلز جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. وز??اع??م وفد کي انهن جي سمورن جائز مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، راڻا ثناءُ الله، راڻا تنوير حسين، خاص مددگارن ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ شرڪت ڪئي.