اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته عورت انٽر پرينيور جو ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، عورتن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ واپار واري وزارت، ٽريڊ ڊيول??مي??ٽ اٿارٽي، اسلام آباد وومين چيمبر آف ڪامرس سان گڏوگڏ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عورتون مجموعي ملڪي آبادي جو 51 سيڪڙو آهن، جيڪي ملڪي معاشي ترقي ۾ مردن سان گڏ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اهڙن خيال?? جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس ۾ عورتون انٽرپرينيور جي حوصلا افزائي جي لاءِ ”هر هنر“ نمائش جي پري لانچنگ تقريب ۽ نمائش جي آفيشل لوگو جي رونمائي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد عورت انٽرپرينيور جي حوصلا افزائي جي لاءِ ٽريڊ ڊيول??مي??ٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو ۽ يقين ڏياري?? ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ان ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪندي. هن چي?? ته عورتن جي لاءِ هڪ جدا پليٽ فارم طور ٽي ڊيپ هڪ سٺي ڪوشش ڪئي آهي جنهن سان ڏورانهن علائق?? جون عورتون ان نمائش جي لاءِ اچي رهيون آهن. هن چي?? ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ اهو ضروري آهي ته مرد عورتن جي مدد ڪن.
وفاقي سيڪريٽري چي?? ته عورتون انٽرپرينيور جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان حوالي سان عورتن کي واپار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. تقريب کي ٽريڊ ڊيول??مي??ٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد نصير پڻ خطاب ڪيو، هن چي?? ته عورت انٽرپرينيور کي گلوبل سطح تي متعارف ڪرائڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ ٽي ڊيپ ڪاروباري عورتن جي ترقي ۽ ان جي فروغ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي. ان موقعي تي ٽريڊ ڊيول??مي??ٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مريم ممتاز هر هنر نمائش جي مقصدن بابت پريزنٽيشن ڏني ۽ ٻڌاي?? ته عورتون انٽرپرينيورز جي حوصلا افزائي جي لاءِ نمائش 4 کان 5 مارچ پاڪ چائنا فرينڊشپ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي. جنهن ۾ سڄي ملڪ مان خاص طور تي اترين علائق?? جون عورتون انٽرپرينيورز پنهنجي مصنوعات جي نمائش ڪنديون. تقريب کي اسلام آباد وومين چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر رضوانه چوڌري، آءِ ٽي ايڪسپرٽ سدره چيما ۽ ماهنور فاطمه پڻ خطاب ڪيو ۽ چي?? ته عورتن جي معاشي خودمختياري جي لاءِ پاڪستان حڪومت واپار واري وزارت ۽ ٽي ڊيپ جا قدم ساراهه جوڳا آهن. تقريب کي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر احسن ظفر بختاوري چي?? ته ملڪي معاشي ترقي خاص طور تي عورت انٽرپرينيورز جي ترقي لاءِ واپار دوست پاليسي?? جو فروغ ۽ عورت انٽرپرينيورز کي سهولتن جي فراهمي تمام اهم آهي. هن چي?? ته عورتن کي معاشي خودمختيار بڻائڻ ۽ معاشرتي خوشحالي جي لاءِ اهڙي قسم جون نمائشون تمام گهڻيون لاڀائتيُون ثابت ٿينديون.
تقريب جي پڄاڻي تي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر احسن ظفر بختاوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ٽريڊ ڊيول??مي??ٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد نصير کي سووينيئرز پيش ڪيا ويا.