اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت نئين مالي سال 24 – 2023ع جي اٽڪل 14 ٽريلين رپيا ماليت جي وفاقي بجيٽ سڀاڻي (جمعي) ڏينهن پيش ڪندي، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. حڪومت ملڪي ۽ عالمي سطح تي معيشت کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بجيٽ ٺاهي وئي آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ، زرعي شعبي جي ترقي ۽ زرعي صنعت ۾ نواڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جو فروغ، روانگي واپار ۾ اضافي، صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت کي دستاويزي بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. حڪومت عوام ۽ ڪاروبار دوست وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي ل??ءِ پوري طرح سان پرعزم آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ خساري تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ مالياتي استحڪام جي پاليسين تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻاهرئين مالياتي ادائيگين جي انتظام کانسواءِ اوڳاڙين ۾ اضافي، اقتصادي استحڪام ۽ ترقي جي ل??ءِ قدمن، غيرترقياتي خرچن ?? گهٽتائي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي جي ل??ءِ عوام دوست پاليسيون بجيٽ ۾ شامل ڪيون وينديون. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ گورننس ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري جي ل??ءِ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ سڌارا متعارف ڪرائڻ کانسواءِ سماجي شعبي جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. حڪومت ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کڻندي. جاري مالي سال دوران اوڳاڙين جي مضبوط واڌويجهه کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران مالي سال 24 – 2023ع جي ل??ءِ اوڳاڙين جي وصولي جو هدف 9 ٽريلين رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نئين مالي سال 24 – 2023ع جي وفاقي بجيٽ جي ل??ءِ سم??ريون تياريون جاري آهن.