اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23-2022ع ۾ ص??ت جي شعبي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري ڪيل اقتصادي سر??ي ۾ ص??ت جي شعبي جي حوالي سان چيو ته مالي سال 2021ع جي هڪ سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ مالي سال 22ع دوران ص??ت جي شعبي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. موجوده حڪومت مستقبل ۾ ڪورونا طرز تي ڪنهن به وبائي م??ض ۽ ايمرجنسي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پي ايس ڊي پي ت??ت جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو، جنهن تحت وبائي م??ضن لاءِ هڪ مربوط نظام تحت ليبارٽريون جو هڪ نيٽ ورڪ جوڙيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سان ص??ت جي ڪيترن ئي م??ڪزن ۽ اسپتالن کي شديد نقصان پهتو، حڪومت ص??ت جي م??اثر مرڪزن جي بحاليءَ لاءِ پُرعزم آهي. ٻوڏ جي تباهه ڪارين بابت رپورٽ مطابق انهن مرڪزن جي تعمير ل??ءِ 40294 ملين رپيا يعني 187.6 ملين ڊالر گهربل آهن. هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ دوران اين ڊي ايم اي 20 لک 44 هزارن کان وڌيڪ مڇردانيون، 7300 ها??ِ جين ڪٽس، 200126 کاڌي جا پئڪيٽ، 18860 شروعاتي طبي امداد لاءِ ڪٽس ۽ ٻئي سامان سميت زندگي بچائيندڙ 350 جيڪٽس به فراهم ڪيا آهن. ترڪيه ۽ شام جي زلزلي جي امداد لاءِ اين ڊي ايم اي طرفان 7376 ٽن سامان جنهن ۾ خيما، گرم ڪپڙا، خوراڪ ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون.