اسلام آباد- 14 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بائپر جوائي مسلسل اڳتي وڌندو پيو اچي جيڪو اڄ رات سنڌ جي ڏکڻ اوڀر سامونڊي علائقي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيجندو، ڪراچي کي طوفان سان سڌو سنئون خطرو ناهي تنهن هوندي به تيز هوائن ۽ برساتن جي صورت ۾ ان جا اثر شهر تي پوندا، طوفان جي خطري جي ور چڙهيل علائقن مان ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي، جنهن کي محفوظ ماڳن تي اسڪولن ۽ پڪين عمارتن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، سمورا لاڳاپيل ادارا الرٽ ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، عوام کي ڪنهن به قسم جي افراتفري کان بچندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان ۽ نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي صورتحال ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن ب??بت جائزي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي شدت گهٽ ٿي آهي تنهن هوندي به ان سان جڙيل خطرا بدستور برقرار آهن ۽ ان موجب سمورا قدم استمعال ۾ آندا پيا وڃ??. هن چيو ته بائپر جوائي جي نوعيت انتهائي شديد طوفان جي آهي جنهن جي سطح تي هوائن جي رفتار 140 کان 150 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته ان جي مرڪز ۾ 170 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان جنهن رستي جي اڳڪٿي ڪئي هئي اها ان موجب اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ اڄ خميس رات ڪيٽي بندر جي سامونڊي علائقي سان ٽڪرائيجندو. ڪراچي کي سڌو سنئون طوفان مان خطرو ناهي پر ان جا اثر شهر تي پوندا. هن چيو ته سامونڊي طوفان سبب ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ڪراچي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان جا علائقا متاثر ٿيندا جتي تيز هوائن سان گڏ شديد برسات جو امڪان آهي. وفاقي وزير چيو ته طوفان جي صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪيوپيو وڃ??، ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وچ ۾ باقاعدگي سان رابطا اجلاس ڪوٺايو پيو وڃ?? جنهن ۾ مقامي، علائقائي ۽ عالمي ڏس ۾ صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃ??. شيري رحمان چيو ته طوفان جي اثرن جي زد ۾ ايندڙ علائقن ۾ ڪمزور انفرااسٽرڪچر، بل بورڊز، ڪچين ڇتين ۽ سولر پنيلز کي نقصان پهچڻ جوانديشو آهي، هن چيو ته خطري جي ور چڙهيل علائقن مان مانهن کي ڪڍڻ لاءِ وقت سر قدم شروع ڪيا ويا، متاثرن کي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ان مقصد لاءِ 75 رليف ڪ??مپ??ن قائم ڪيون ويون آهن . هن چيو ته کليل سمنڊ ب??بت به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ماهيگيرن کي ان حوالي سان احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سمورا لاڳاپيل کاتا ۽ ادارا الرٽ آهن، اسان کي صورتحال کي نظر ۾ رکندي محتاط ۽ چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ماڻهن کي ان ب??بت مسلسل آگاهي ڏيڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃ??. وفاقي وزير چيو ته سامونڊي طوفان جي اثرن جي زد ۾ ايندڙ سمورا علائقا گذريل سال جي ٻوڏ کان به متاثر ٿيا هئا ۽ مقامي ماڻهو هاڻي به مختلف مصيبتن جو شڪار آهن، متاثرن کي ان صورتحال ۾ وقت سر رليف فراهم ڪرڻ ۽ بعد ۾ نئين سر تعمير جي ڪمن تي ڌيان ڏنو ويندو. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ٻڌايو ته بائپر جوايئ طوفان اڳڪٿي ۽ اندازن موجب پنهنجي رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي جيڪو اڄ ڏينهن جو سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ساحلي علائقي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ ۾ سامونڊي علائقي سان ٽڪرائيجندو. ان سان سنڌ جي لاڳاپيل سامونڊي علائقن کانسواءِ بلوچستان جا ڪجهه علائقا به متاثر ٿيڻ جڏهن ته ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هن مقامي ماڻهن جي محفوظ ماڳن تي منتقلي لاءِ قائم ڪ??مپ?? جي باري ۾ تفصيلن کان به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته 62 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، لڏپلاڻ ڪندڙن کي رليف ڪ??مپ?? ۾ شيلٽر سان گڏ خوراڪ فراهم ڪئي پئي وڃ??، جڏهن ته انهن جي ڊيٽا به جوڙي پئي وڃ??. فلائيٽ آپريشن ب??بت هن جو چوڻ هو ته طوفان جي اثرن سبب ننڍن جهازن جي فلائيٽ آپريشن بند ڪئي پئي وڃ?? تنهن هوندي به وڏن جهازن لاءِ صورتحال موجب ايڊوائيزري جاري ڪنداسين. هن چيو ته طوفان جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا جامع انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته گڏيل قومن جي ذيلي ادارن ۽ لاڳاپيل اين جي اوز سميت سمورن حصيدارن سان ان ب??بت وقت سر معلومات جي مٽاسٽا ڪئي پئي وڃ??.