سانگهڙ – 13 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت عربي سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان بائپر جوئي جي حوالي سان جاري ڪيل ه??ءِ الرٽ جي سلسلي ۾ ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنر سان زوم ٽيڪنالاجي ذريعي اجلاس منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد چيو ته اسان سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آ??ن ۽ نيڪال وارن نالن جي صفائي ۽ بل بورڊز ۽ دڪاندارن کي سندس ڇپرا هٽائڻ ل??ءِ خبردار ڪيو ويو آهي ۽ حيس??و آفيسر کي گهرجي ته هو ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ غير ضروري لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪن . ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ وڌيڪ چيو ته ڪنٽرول روم کي فعال ڪيو ويو آهي جيڪو 14، 15، 16 جون 2023 تائين 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. ضلعي ۾ ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ 0235920117 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه پبلڪ هيلٿ، صحت، لوڪل گورنمينٽ ۽ آبپاشي کاتي جون ٽيمون ڪنهن به هنگامي صورتحال کي فوري طور تي منهن ڏيڻ ل??ءِ تيار آهن. ڊپٽي ڪمشنر واضح ڪيو ته ڪو به آفيسر ضلعي انتظاميا جي اجازت کانسو??ءِ هيڊ ڪوارٽر نه ڇڏي.