لاهور – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير جي ??ربراهي ۾ قومي ايئرلائين جي ن??ين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي عيد کانپوءِ پي آءِ اي جي ??والي سان ??نهنجون تجويزون ۽ سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته گذريل حڪومت جي ن??اهلي جي ڪري قومي ايئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ??يو ۽ ان جي ن??اهل وزيرن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو، قومي ايئرلائين کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي ??والي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزيرخواجه سعد رفيق وزيراعظم کي پي آءِ اي جي ??هتري لاءِ تجويز ڪيل روڊ ميپ ۽ سڌارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ??ڌايو ويو ته قومي ايئرلائين کي موجوده بحران ??ان ڪڍڻ جي لاءِ ٻيڙي ۾ جهازن جو انگ 27 کان ??ڌائي 49 ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير جي پي آءِ اي بابت ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته قومي ايئرلائين خساري مان ??ڪرڻ جي ??لاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي ??يرذميواراڻي بيانن جي ڪري قومي ايئرلائين يورپ ۽ آمريڪا جا فضائي رستا وڃائي ڇڏيا، گذريل حڪومت جي ??ن نااهلي جي ڪري قومي ايئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ??يو، گذريل حڪومت جي ن??اهل وزيرن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو. هن چيو ته پي آءِ اي انهي صورت ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو ته ان کي ن?? منافعي ۽ نقصان جي ??نياد تي پيشيور انتظامي ماهر هلائين، قومي ايئرلائين کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي آهن. هن چيو ته حڪومت اهڙو پاليسي ن??ام کڻي اچڻ طرف قدم وڌائي رهي آهي جتي حڪومت جو ڪم رڳو پاليسي فيصلا ۽ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن ۽ ڪمپنين کي سهولت فراهم ڪرڻ هوندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي ??لاحڪار احد خان چيما ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي وزير سيد نويد قمر، محمد اسحاق ڊار، احسن اقبال، خاص معاون محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم پي آءِ اي جي ن??ين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي ??والي سان ??ڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جي ميمبرن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، واپار و??رو وفاقي وزير سيد نويد قمر، خاص معاون جهانزيب خان ۽ ايوي ايشن جو سيڪريٽري شامل هوندا. اها ڪميٽي اسحاق ڊار جي ??ربراهي ۾ پي آءِ اي جي ن??ين سر تنظيم سازي ۽ بحالي جي ??والي سان ??ختلف آپشنز جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان ??نهنجون سفارشون عيد کانپوءِ ڪابينا ۾ پيش ڪندي.