اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چي?? آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير ??يد جو ڏينهن فوجي جوانن سان گذاريو، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي ماڳ پاره چناره پهتا. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ۽ چي?? آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير ??يد نماز فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ ادا ڪئي ۽ کين ??يد مبارڪ پيش ڪئي. وزيراعظم فوج جي اعليٰ ج??بي، عسڪري تياري ۽ اعليٰ پيشيوراڻي معيار جي تعريف ڪئي. جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات جي دوران وزيراعظم چي?? ته چي?? آف آرمي اسٽاف سان گڏ اڄ مان ??يد جو ڏينهن اوهان سان گذاري رهيو آهيان ته جيئن مادر وطن جي سرحدن جي جرئت ۽ بهادري سان حفاظت ڪندڙ پنهنجي آفيسرن ۽ جوانن جي ڪوششون ۽ جذبن کي خراج تحسين پيش ڪريان. وزيراعظم چي?? ته پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان پنهنجي ذاتي آرام ۽ سڪون کي ڇڏي وطن عزيز جي تحفظ، دفاع ۽ سلامتي جو عظيم فرض انجام ڏين ٿا، موسم ۽ حالتن جي سختين کي برداشت ڪن ٿا ۽ هر طرح جي مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا. مادر وطن جي سرحدن جو پهرو ڏين ٿا جنهن تي قوم اوهان کي سلام پيش ڪري ٿي هن چي?? ته ??يد سميت خوشين جا موقعا هجن يا ڏک جا، آفيسر ۽ جوان انفرادي طور وطن ??ي حفاظت جي فرض کي ترجيح ڏين ٿا. اسان اوهان جي هن جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چي?? ته اڄ مان آرمي، ايئر فورس ۽ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي خدمت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي بي پناهه تڪليفن جو مقابلو ڪري ملڪ جي سرحدن ??ي حفاظت جو مقدس فرض نڀائين ٿا. وزيراعظم شهباز شريف پوري قوم خاص طور تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي ??يد جي مبارڪ پيش ڪئي. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته امن تباهه ڪندڙ، دهشتگردي ڪندڙن ۽ انهن جي سرپرستن ۽ سهولتڪارن لاءِ لڪڻ جي ڪا به جاءِ نه آهي، پاڪستاني قوم جي پاڪستانيت ملڪ ۾ فتني فساد، ڏڦيڙ ۽ افراتفري پيدا ڪندڙ قوتن جي مڪروه منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، انهن قوتن کي شڪست ٿي جيڪي پنهنجي مڪروه ايجنڊا لاءِ ورڇ ۽ ڏارون پيدا ڪرڻ چاهيندا هئا. هن چي?? ته شهداءَ پاڪستان ۽ قوم جو سرمايو آهن، انهن جي عزت ۽ حرمت اسان کي هر شيءَ تي مٿانهين آهي. وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان کان اڳ اچڻ تي چي?? آف آرمي اسٽاف وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڪمانڊر 11 ڪور کانسواءِ صوبائي حڪومت جي اعليٰ عملدار به پڻ موجود هئا.