نٿياگلي -08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ??نيا ۾ امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو، گڏيل سهڪار سان پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ کي قدر??ي آفتن کان ??حفظ ۾ مدد حاصل ٿيندي. پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدر??ي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ ايم او يو تي صحيون هڪ وڏو قدم آهي جنهن سان مستقبل ۾ قدر??ي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻئي ملڪ ٽيڪنالاجي ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي قدر??ي آفتن کان ??چڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ واري جديد نظام سميت ٻين سهولتن جي دستيابي لاءِ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. هن زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ??المي ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب ڏاڍو متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڪاربن جي نيڪال ۾ اسان ??ي ملڪ جو حصو انتهائي ٿورو آهي. وزيراعظم ان ??واهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ??وئٽزرلينڊ سان گڏ مختلف شعبن خاص ڪري سياحت جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ??وبصورت قدرتي نظارن سان مالا مال آهي. سوئس پرڏيهي وزير طرفان ??طي ۾ امن و امان ??ي تاثرن تي وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن و امان ??و قيام انتهائي ضرورت آهي ۽ سوئٽزرلينڊ خطي ۾ امن و امان کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستاني عوام جي فلاح و بهبود لاءِ ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙي ريت اسان ??يروزگاري، غربت جي خاتمي ۽ تعليم ۽ آءِ ٽي جي صنعت کي ترقي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ زراعت جي شعبي کي ترقي ڏيڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي به اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان ??طي ۾ ڇڪتاڻ برداشت نه ٿو ڪري ۽ نه ئي پنهنجا وسيلا ضايع ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان پنهنجي وسيلن سان ملڪ جي ترقي جا خواشمند آهيون. وزيراعظم ان ??زم جو به ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير سميت ٻين تڪرارن جو خاتمو خطي ۾ ڊگهي امن و امان کي قائم ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير اگنازئيو ڪاسيس چيو هو ته آفتن سان منهن ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ واري مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن لاءِ هن کي پاڪستان ۾ موجودگي تي فخر آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيندا. پاڪستان ??ي قديم ثقافتي تاريخ آهي ۽ هي پنهنجي خوبصورت لينڊ سڪيپس سبب سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سوئيز پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان قدر??ي آفتن سبب شديد متاثر ٿي رهيو آهي جنهن سانه رڳو انساني آبادي پر زراعت ۽ بنيادي ڍانچي جو شعبو به بري ??رح متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ??هڪار جي مفاهمت هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته پاڪستان کي درپيش خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري. 2010ع ۽ 2022ع ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب پاڪستان ??ديد متاثر ٿيو. سوئز پرڏيهي وزير چيو ته منهنجو ملڪ پنهنجي تجربن ۽ وسيلن سان نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏن سبب جاني ۽ مالي نقصان ??مام گهڻو آهي. هن چيو ته اسان ??راڪتداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. عالمي ذميواريون آهن ته اسان متحد ٿي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻون. ان کان پهرين وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سوئيز پرڏيهي وزير جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدر??ي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون.