اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي وڻڪاري مهم شروع ڪري ڇڏي. وزيراعظم وڻڪاري مهم جي شروعات ٻوتو هڻي ڪئي. وزيراعظم کي ان موقع?? تي وڻڪاري مهم جي حوالي سان ??فص??لي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سانوڻي جي وڻڪاري م??م تحت سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 10 لک ٻوٽ?? هنيا ويندا جڏهن ته هلندڙ سال بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران سڄي ملڪ ۾ 13 ڪروڙ 98 لک ٻوٽ?? هنيا ويا هئا. موسمياتي تبديلي واري وزارت، صوبائي ٻيلن وارو کاتو وڻڪاري مهم جي اهميت بابت آگاهي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.