لاهور – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪي معيشت جي بحالي ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، لاهور چيمبر جو صدر ڪاشف انور، مس فريحه يونس، شميم اختر، ميان جبار خالد، خادم حسين، محمد فهيم يوسف، راجا حسان اختر، عمر داد آفريدي ۽ شاهد خليل به موجود هئا. صدر واپارين تي زور ڏنو ته اهي معذور ماڻهن جي بحالي، ڇاتيءَ جي ڪينسر، ذهني مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ ۽ ٻارن جي تعليم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته انهن م??ئلن جي حل لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ پرائيويٽ سيڪٽر کي به پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. هن چيو ته انهن م??ئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ آگاهي سيشنز ۽ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن. صدر ذهني ۽ نفسياتي صحت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ذهني مرض کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊائيلاگ جي ضرورت آهي، گهر ??ان وٺي ڪم ڪار وارين جاين تي ٽريننگ جو خصوصي بندوبست ٿيڻ ??هرجي ته جيئن اهڙن م??ڻهن کي ان م??ض ??ان بچائڻ جي لاءِ آگاهي ڏئ?? سگهجي. تعليم جي حوالي سان ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڍائي ڪروڙ ??ان وڌيڪ ٻار اسڪولن ??ان ٻاهر آهن جنهن جي لاءِ هزارين اسڪولن جي ضرورت آهي، ان م??ئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسڪولن جون شفٽون وڌائڻ سان گڏوگڏ مسجدن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان صدر چيو ته لاهور چيمبر جا ميمبر ان ڪم وارين جاين تي عورتن جي انگ ۾ اضافو ڪن. معيشت جي مختلف شعبن ۾ 35 سيڪڙو عورتن جي نمائندگي تمام ضروري آهي ته جيئن ملڪي ترقي ۾ عورتون پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? سگهن. صدر کي ٻڌايو ويو ته لاهور چيمبر جا 32 هزار ميمبر آهن ۽ 25 سيڪڙو عورتن کي ملازمت جي فراهمي جو هدف پورو ڪيو ويو آهي. صدر چيو ته لاهور چيمبر جي ميمبرن جي انفرادي ڪوششن سان وڏي انگ ۾ ٻارن کي اسڪول موڪل?? سگهجي ٿو. منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي لاءِ به انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي. لاهور چيمبر جي صدر ڪاشف انور صدر کي ٻڌايو ته لاهور چيمبر جي انتظام هيٺ خصوصي ماڻهن جي بحالي لاءِ ليبارڊ جي نالي سان هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جي ذريعي هڪ لک ماڻهن کي مصنوعي اوزار فراهم ڪيا ويا آهن. شرڪت ڪندڙن سماجي ۽ طبي مسئلن تي ڪم ڪرڻ تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي جذبي کي ساراهيو.