نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ??يج??ي ڀائراڻن ل??ڳا??ن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگرا?? وزيراعظم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ??يج??ي ڀائراڻن ل??ڳا??ن تي زور ڏيندي نگرا?? وزيراعظم خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگرا?? وزيراعظم زور ڏيئي چيو ته مند – بارڊر سرحدي مارڪيٽ جي تازي افتتاح سميت ٻيا قدم نه رڳو سرحدي علائقن جي معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جي واضح اظهار طور تي ڪم ڪندا. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان پهرين“ جي پاليسي علائقائي ترقي ۽ رابطن جي لاءِ پاڪستان جي ويزن سان پوري طرح هم آهنگ آهي. نگرا?? وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي لاءِ پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻندي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪ ايران ل??ڳا??ن ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاون شامل آهي.