اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ملڪ ۾ تعل??م جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي ڏورانهن ع??ائ??ن ۾ تعليم تائين ماڻهن جي پهچ وڌ??ئڻي پوندي، آن ??ائ??ن تعليم ملڪ جي ڏورانهن ع??ائ??ن تائين تعليم پهچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ مسجدن کي فجر کان ظهر تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ نوان ۽ غيرروايتي حل سوچڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ تعل??م جو سلسلو جاري رکڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. خصوصي ماڻهن کي ٻين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ۽ تربيت جي لاءِ خصوصي بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ملڪ ۾ معياري تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پنهنجي شاگردن کي هنر سان ليس ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعل??م جي لاءِ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ?? تمام گهٽ آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم وارن ماڻهن جو انگ وڌ??ئڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ گهرجن، يونيورسٽيون آن ??ائ??ن تعيلم ۽ مختلف شفٽن جي مدد سان وڌيڪ شاگردن کي اعليٰ تعليم فراهم ڪري سگهن ٿيون، يونيورسٽيون 4 سالن جي ڊگري پروگرامز سان گڏوگڏ آن ??ائ??ن تعليم ۽ 2 سالن جا ڊگري پروگرامز پڻ شروع ڪن. صدر چيو ته ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن ??ائ??ن ۽ فا??لا??ي تعل??م جي پروگرامز جي مدد سان اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جو انگ وڌ??ئي سگهجي ٿو. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد ترين مهارتن سان ليس ڪرڻ لازمي آهي، يونيورسٽيون مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، سائبر سيڪيورٽي ۽ ڪ??ائ??ڊ ڪمپيوٽنگ جي شعبن تي خاص ڌيان ڏين. ملاقات دوران وفاقي اردو يونيورسٽي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.