اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا، سي??سي مشاورت ۽ گڏ??ل وزارتي ڪميشنن جي باقاعده انعقاد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏ??ل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ سان ڳنڍيل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اردن ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) محمد اجمل اقبال سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته اردن ۾ پاڪستان جو سفير و??پا??، معيشت، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته پاڪستان اردن سان پنهنجي ويجهي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ اردن جا لاڳاپا گڏ??ل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان اردن سان و??پا??ي، اقتصادي، سي??سي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ اردن هڪ ٻئي جي لاءِ گرمجوشي رکن ٿا ۽ گڏ??ل خيال رکندڙ آهن. صدر سماجي، سي??سي ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اسلامي دنيا خاص طور تي فلسطين ۽ اسلامو فوبيا بابت مختلف معاملن تي پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ نظرين جي هڪجهڙائي کي ساراهيو. صدر مختلف مسئلن تي ٻين مسلمان ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.