اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ??ڀ کان وڏو منصوبو ايم ايل ون (ريلوي) جو ??عميراتي ڪم ايندڙ مالي سال کان شروع ٿيڻ جو ??مڪان آهي جيڪو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن موجب نظرثاني ٿيل پلان موجب ايم ايل و?? تي 6.7 ارب ڊالر جي مجموعي لاڳت ايندي جنه?? تي پاڪستان ۽ چين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته ان منصوبي تي شروعاتي لاڳت 9 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هئي پر هاڻي اهو منصوبو 6.7 ارب ڊالر جي لاڳت سان شروع ٿيندو جنه?? تي ٻنهي ڌرين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ٿيندڙ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هڪ اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو هو. ذريعن موجب ايم ايل ون فيز ون جي لاڳت 2.7 ارب ڊالر، فيز ٽو جي لاڳت 2.6 ارب ڊالر ۽ فيز ٿري جي لاڳت 1.4 ارب ڊالر هوندي. پهرين مرحلي ۾ ايم ايل ون تحت نوابشاهه کان روهڙي، ملتان کان لاهور ريلوي ٽريڪ ٺهندو، ٻئي مرحلي ۾ لاهور کان لالا موسيٰ، ڪيماڙي کان حيدرآباد ريلوي ٽريڪ جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ حيدرآباد کان ملتان، لالا موسيٰ کان راولپنڊي ريلوي ٽريڪ ٺاهيا ويندا. وڌيڪ اهو ته ايم ايل ون تحت راولپنڊي کان پشاور ۽ حويليان تائين ٻه ڊرائي پورٽس پڻ ٺاهيون وينديون جڏهن ته ايم ايل ون جي مڪمل ٿيڻ سان 134 ٽرينون 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هلنديون. واضح رهي ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن مان مطمئن آهي ۽ تازو ئي ورلڊ بئن?? جي اعليٰ عهديدارن پاڪستان جي ڪارڪردگي تي ا??مينان جو ??ظهار پڻ ڪيو ۽ وڌيڪ امداد جاري رکڻ جو ??زم پڻ ڪيو آهي.