اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته والاريل فلسطين جي صورتحال پاڪستان جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب آهي، پاڪستان غزه ۾ پنهنجي ف??سطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو جيڪي اسرائيلي قابض فوج جي اجتماعي سزا جي غيرانساني مهم کي منهن ڏئي رهيا آهن. پريس بريفنگ ۾ هن اسرائيل جي انڌاڌنڌ ۽ بنا فرق جي بمباري جي نتيجي ۾ غزه ۾ 2700 ٻارن سميت 6500 کان وڌيڪ شهرين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان ڊاڪٽرن، پي??اميڊيڪس ۽ فوري امدادي خدمتون ڏيندڙن کي ساراهيون ٿا جن مشڪل حالتن ۽ ذاتي مشڪلاتن جي باوجود پنهنجي ساٿي انسانن جي خدمت جاري رکي آهي. هن چيو ته اسان يو اين آر ڊبليو اي ۽ گڏيل قومن جي ٻين تنظيمن جي صحافين ۽ ڪارڪنن کي پڻ سلام پي?? ڪريون ٿا جن فرض جي ادائيگي ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ترجمان ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته فوتگين جي وڌندڙ انگ، عالمي انساني قانون جي ??ليل خلاف ورزين، جنگي ڏوهن ۽ نسلي تطهير جي مطالبن جي باوجود گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنگبندي جو مطالبو، غزه جي ماڻهن کي ف??ري ريليف ڏيڻ ۽ غزه ۾ قتلام کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي هنگامي اجلاس جو منتظر آهي ۽ اميد ڪري ٿو ته هو اهڙو ڪردار ادا ڪندو جتي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ نسلي امتياز جي منصوبن جي مذمت ڪندي. هن چيو ته اسان اسرائيل جي حامين تي زور ڀريون ٿا ته اهي ان ظلم جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن ۽ غزه جي ??هيريل عوام جي لاءِ زندگي بچائيندڙ انساني امداد جي هڪ پائيدار سپلائي لائين جي حمايت ڪن جنهن ۾ پاڻي، ٻارڻ، خوراڪ ۽ دوائون شامل آهن. هن چيو ته عالمي برادري کي اهو به يقيني بڻائڻ گهرجي ته تشدد ۽ بمباري جي مهم پوري وچ اوڀر ۾ نه پکڙجي ۽ نه ئي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي. ترجمان پاڪستان جي ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ٻه رياستي حل ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل عمل، متصل ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جنهن جي ??ادي وارو شهر القدس الشريف هجي جي قيام سان ممڪن ٿيندو.