اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي ??ي پي) انساني حقن واري نگران وفاقي وزير خليل خارج چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميرين لاءِ ??ار?? ترين ڏينهن آهي. ڪشمير جو عوام گذريل 76 سا??ن کان ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۾ آهي ۽ ان دوران لکين ??يگناهه ڪشميري شهرين کي بدترين ??لم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ڀارت ياد رکي ته ظلم ۽ ڏاڍ سا?? ڪشميرين ??ي حريت واري جذبي کي ختم نٿو ڪري سگهجي. ڪشميرين ??ي جدوجهد هڪ ڏينهن آزاديءَ جو پيغام کڻي ايندي. ??ار?? ڏينهن جي موقعي تي جاري هڪ خصوصي پيغام ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت طاقت جي ڏڍ تي هٿين ??الي ڪشميرين ??ي ظلم ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميرين ??ي جدوجهد آزادي کي دٻائڻ لاءِ هر ڏينهن نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي. ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع جا قدم سلامتي ڪائونسل ۽ جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڪشميرين کي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ انهن کي بنيادي حقن کان محروم رکڻ آهي. عالمي برادري ۽ انساني حقن وارا ادارا ڪشميرين ??ي ظلم خلاف ۽ کين ??زادي ڏيارڻ ۾ مدد ڪن. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام تي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميرين ??ي خوداراديت واري حق جي ڪوششن جي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين ??ي خوداراديت واري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سط?? تي حمايت جاري رکنداسين. مون کي اميد آهي ته انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.