اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي م??تس?? جي حڪم جي خلاف ايئر يونيورسٽي جي درخواست رد ڪندي ڪورونا جي ڪري بي ايس ڊگري جي باقي ڪورسز مڪمل ڪرڻ کان قاصر رهندڙ شاگردياڻين کي پنهنجي ڊگري مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ا??اف?? سال ڏيڻ جي معاملي تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر يونيورسٽي پاران شاگردياڻي جي ڪيس تي وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ تي جو ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسي ۽ يونيورسٽي قاعدن ۾ توسيع ڏئي اهڙا مسئلا حل ڪرڻ جون شقون موجود آهن. يونيورسٽي وٽ ??يڇ اي سي جي پاليسي ۽ سفارشن کان انحراف ڪرڻ جو ڪو سبب نه آهي. هن چيو ته يونيورسٽي بدانتظامي جي درستگي بدران عوامي خزاني ۽ شاگردياڻي جي وقت جي زيان کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ م??تس?? جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي. صدر ايئر يونيورسٽي تي زور ڏنو ته شاگردياڻي جي لگن، محنت ۽ سرمائي کي ضايع نه ٿيڻ ڏنو وڃي ۽ سمورن شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين جي مدد ۽ رهنمائي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايئر يونيورسٽي جي اقراءِ منير نالي شاگردياڻي وفاقي م??تس?? کي شڪايت ڪئي هئي ته هوءَ ايئر يونيورسٽ?? سان واڳيل ڪاليج ۾ سائيڪالوجي پروگرام بيچلر آف سائنس (آنرز) جي شاگردياڻي آهي، هن ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي ڪري 2020ع ۾ ڊگري مڪمل نه ڪري سگهي هئي. ڊگري مڪمل ڪرڻ جي لاءِ هڪ ا??اف?? سال جي لاءِ يونيورسٽ?? سان رابطو ڪرڻ تي شاگردياڻي کي ??يڇ اي س?? سان رابطو ڪرڻ جو چيو ويو. ??يڇ اي سي مجاز اٿارٽي کي ميڊيڪل هسٽري ۽ يونيورسٽي قاعدن کي نظر ۾ رکندي توسيع جي معاملي تي غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود توسيع نه ملڻ تي شاگردياڻي وفاقي م??تس?? کي درخواست ڏني هئي. وفاقي م??تس?? ايئر يونيورسٽي کي اقراءَ منير جو ڪيس يونيورسٽي جي فنڪشنل ڪميٽي آڏو نظرثاني جي لاءِ رکڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن جي خلاف يونيورسٽي صدر کي درخواست داخل ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته يونيورسٽي ??يڇ اي سي جي سفارشن تي عمل نه ڪيو ۽ ڪنهن مجاز اٿارٽي آڏو نه رکيو، شاگردياڻي ڪورونا جي ڪري بيمار هئي، ڊگري مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ا??اف?? وقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پئي. صدر چيو ته ??يڇ اي سي پاليسي موجب ڊگري مڪمل ڪرڻ جو مدو 6 سال آهي جيڪو منظوري کانپوءِ هڪ سال تائين وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن شاگردياڻي جو ڪيس وقت تي ڪميٽي آڏو رکيو وڃي ها ته مسئلو حل ٿي سگهيو پئي پر ائين نه ڪيو ويو، يونيورسٽي پنهنجي بدانتظامي ختم ڪرڻ بدران وقت ۽ وسيلن جو زيان ڪيو. صدر وفاقي م??تس?? جي حڪم جي خلاف ايئر يونيورسٽي جي درخواست رد ڪندي هدايت ڪئي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ??يڇ اي سي جي پاليسي ۽ سفارشن موجب شاگردياڻي کي سهولت ڏني وڃي.