اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڊ گورننس ۽ حڪومتي ڪارڪردگي جي احتساب ۾ م??ڊي?? اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، م??ڊي?? جي نما??ند?? جي حقن جو تحفظ به رياست جي ذميواري آهي، اميد ??هي ته م??ڊي?? غيرجانبدراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن??ي رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات ۽ نشريات وارو سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر موجود هئا. وفد ۾ چيئرپرسن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن شڪيل مسعود، سيڪريٽري جنرل پي بي اي ميان عامر محمود، سينيئر وائيس چيئرمين مير ابراهيم رحمان ۽ طاهر خان شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ م??ڊي?? خاص طور تي اليڪٽرانڪ م??ڊي?? جي مسئلن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد نگران وزيراعظم کي اشتهارن جي ڏس ۾ حڪومت پاران رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ جي مسئلي جي حوالي کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي اشتهارن جي رهتن جي ادائيگي جو يقين ڏياريو ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ان مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم م??ڊي?? جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته م??ڊي?? رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ذهني ۽ فڪري تربيت ۾ انتهائي اهميت رک?? ٿي ۽ م??ڊي?? جي نما??ند?? جي حقن جو تحفظ به رياست جي ذميواري آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ م??ڊي?? جي موثر ۽ ٺوس رابطي سان عوام حڪومتي پاليسين ۽ قدمن کان باخبر رهي سگه?? ٿي ۽ گڊ گورننس ۽ حڪومتي ڪارڪردگي جي احتساب ۾ م??ڊي?? اهم ڪردار ادا ڪر?? ٿي. نگران وزيراعظم ان اميد ??و اظهار ڪيو ته م??ڊي?? غيرجانبدراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن??ي رهندي. نگران وزيراعظم وفد کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت معاشي استحڪام جي حڪمت عملي جي اهميت جي ميديا جي ذريعي آگاهي وڌائڻ تي زور ڏنو. نگران وزراعظم چيو ته ڊالر جي قدر ۾ تازي گهٽتائي، اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي تدارڪ ۽ ٻين قدمن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچي رهيو آهي.