تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جيڪو ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ منعقد ٿيندڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. سربراهي اجلاس کي خ??اب ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ ??گر??ن وزيراعظم علائقائي ترقي جي لاءِ اي سي او جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ عزم جو اظهار ڪيو. هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن جي فروغ، ٽرانسپورٽ ۽ مو??صلاتي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته اي سي او جي لنگهن تي ٻڌل حڪمت عملي علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ اهم آهي. ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ فريم ورڪ ايگريمنٽ (ٽي ٽي ايف اي) ۽ اسلام آباد – تهران – استنبول ريل ۽ روڊ ڪوريڊور جهڙن منصوبن سان پوري خطي جي اقتصادي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. ??گر??ن وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري جي شديد مذمت ڪئي. هن فلسطين مسئلي کي گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن مو??ب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. ??گر??ن وزيراعظم وڌندڙ عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته گڏيل احترام، بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيندي اسلامو فوبيا جي اضافي جي خلاف سياسي ۽ قانوني مزاحمت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.