تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ خميس ڏينهن تاشقند ۾ مصروف ڏينه?? گذاريندو، هو آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات، اي سي او جي اجلاس کي خط??ب پڻ ڪندو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم اي سي او جي سورهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ اجلاس کي خط??ب پڻ ڪندو، ان کانسواءِ نگران وزيراعظم اي سي او ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم جي اڄ ازبڪستان جي تاريخي شهر ثمرقند روانگي پڻ متوقع آهي جتي هو حضرت امام بخاري جي مزار ??ي حاضري ڀريندو.