ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي غي??قانوني طور تي رهندڙ ماڻهن جي ترجماني ڪرڻ بدران پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪرڻ گهرجي ها، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بي بنياد الزام هنيا، سڀ ڄاڻين ٿا ته اتڪل 5 ??ک غي??قانوني رهندڙ ماڻهو رضاڪاراڻي طور تي پاڪستان مان پنهنجي وطن واپس ويا آهن، انهن کي جبري ناهي موڪليو ويو انهن جي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو ??يا?? رکيو ويو آهي. ڪوئيٽا پريس ??لب ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ائين لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي ٽوئيٽ سان افغانستان جي حڪ??مت ۽ ٽي ٽي پي جي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ان جي پارٽي کي ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدو حاصل ٿي سگهي، جيڪڏهن ائين آهي ته اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. هن چيو ته غي??قانوني رهندڙ ماڻهن جي پنهنجي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو ??يا?? رکيو ويو آهي، پاڪستان مهمان نواز ملڪ آهي، مستقبل ۾ به ان ڳالهه جو ??يا?? رکيو ويندو ته ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ٿئي.