اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر ترين جج جسٽس سردار طارق مسعود کي وق??ي چيف جسٽس مقرر ڪري ڇڏيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ج??ٽس سردار طارق مسعود پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ٻاهرئين ملڪ رهڻ دوران وق??ي چيف جسٽس طور پنهنجون ??مي??اريون ادا ڪندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اها مقرري اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 180 تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي ڪئي وئي آهي.