اسلام آباد-09جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي س?? سي) انٽيلي جنس بيورو لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي س?? سي جو اجلاس ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪا??ي وا??ي وزير فواد حسن فواد، رٿابندي وا??ي وزير محمد سميع سعيد، رٿابندي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد جهانزيب خان، قانون وا??ي وزير احمد عرفان اسلم، وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار وقار مسعود، وفا??ي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن جي س??نئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هلندڙ مالي سال دوران انٽليجنس بيورو لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي اضافي فنڊن جي فراهمي بابت سمري پيش ڪئي وئي. انٽيليجنس بيورو طرفان ڪميٽي کي دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافي بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا جوابي قدم ضروري آهن. ڪميٽي آءِ بي جي اپ گريڊيشن، فني بهتري ۽ بيورو جي سرگرمين لاءِ ضروري بنياد تي فني ضمني گرانٽ جي صورت ۾ فنڊن جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار وا??ي وزارت طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل يوريا سان گڏ ٻاهران گهرايل يوريا جي باسڪٽ پرائس ۽ وڪري جي طريقيڪار بابت سمري پيش ڪئي وئي. اي س?? سي ويٽڊ اوسط قيمت جي منظوري ڏيندي نيشنل فرٽيلائيزر مينوفيچڪرنگ لميٽيڊ ڪمپني کي قيمتون مناسب رکڻ جڏهن ته صنعت ۽ پيداوار وزارت کي سڄي عمل جي نگراني جي هدايت ڪئي. اي س?? سي قومي صحت وا??ي وزارت جي س??ري تي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف اميونائيزيشن لاءِ 3568.56 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي س?? سي صوبن کي التوا ۾ پيل رهتون ڪليئر ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. اجلاس ۾ سبسڊي گرانٽ ايگريمينٽ (ايس جي اي) جي ضميمه تي صحيحن بابت ناڻي وا??ي وزارت جي س??ري جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن وا??ي وزارت جي س??ري تي 100 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اها گرانٽ پاڪستان هاڪي ٽيم جي عالمي مقابلن ۾ شرڪت ۽ راندين جي ٻي?? سرگرمين سميت ڀارت سان ڊيوس ڪپ ۽ شطرنج جي مقابلن لاءِ استعمال ۾ آندي ويندي.