اسلام ??با??- 24 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان جي فوج هر قسم جي خطري ۽ سازش خلاف هر وقت تيار آهي، پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجهتو نه ڪندو، دهشتگردن خلاف ته پاڪستاني فوج وڙهي سگهي ٿي پر دهشتگرديءَ خلاف سڄي قوم جو سهڪار ضروري آهي. سو??ل ميڊيا تي پروپيگنڊا جو مقصد بي يقيني، افراتفري ۽ مايوسي ڦهلائڻ آهي، سو??ل ميڊيا جي خبرن جي جاچ تمام ضروري آهي، جاچ ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو افراتفريءَ جو شڪار رهندو آهي. اهڙو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام ??با?? ۾ پاڪستان نيشنل يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ??رم?? چيف چيو ته اسان جي ملڪ جا نوجوان هن قوم ۽ ملڪ جي روشن روايتن، اقبال ۽ قائد جي خوابن جي تعبير جا امين آهن، پاڪستان جي مستقبل جي معمارن ۽ اقبال جي شاهينن کي مخاطب ٿي انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جو م??هب?? تهذيب ۽ تمدن هر لحاظ سان هندن کان مختلف آهي، نه ئي اسان اولهه تهذيب ۽ تمدن کي اختيار ڪريون، نوجوانن کي پنهنجي وطن، قوم، ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن ۽ پنهنجي پاڻ تي بي پناهه اعتماد هئڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي ان ڳالهه جو يقين هئڻ گهرجي ته هو هڪ عظيم وطن ۽ قوم جا سپوت آهن. هن چيو ته سو??ل ميڊيا ۽ پروپيگنڊا جو مقصد بي يقيني افراتفري ۽ مايوسي ڦهلائڻ آهي، تحقيق ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو افراتفري جو شڪار رهندو آهي. هن قرآن پاڪ جو حوالو ڏيندي چيو ته الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن ڪو فاسق توهان وٽ ڪا خبر کڻي اچي ته ان جي تصديق ڪريو. ??رم?? چيف چيو ته پاڪستان جي قيام جي رياست طيبه سان هڪجهڙائپ رکي ٿي، ٻئي ڪلمي جي بنياد تي قائم ٿيون. الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه معدني وسيلن، زراعت ۽ نوجوان افرادي قوت جهڙين نعمتن سان نوازيو آهي، مسلمان مشڪل ۾ صبر ۽ آسانيءَ ۾ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي روشن مستقبل تي ڪامل يقين ۽ ابن ڏاڏن جي ميراث کي قائم رکڻ آهي. شاگردن خطاب دوران پاڪستان ??رم?? زندهه باد، پاڪستان زندهه ??با?? ۽ قائداعظم زندهه باد جا نعرا لڳايا.