برسلز – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزپ بوريل ايف جي دعوت تي بيلجيئم ۾ ٽئين انڊو پيسفڪ وزا??تي فورم ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير گڏيل خوشحالي، اقتصادي استحڪام ۽ سيڙپڪ??ري جي موضوع تي گول ميز ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. نگران پرڏيهي وزير ان موقعي تي خطاب ڪندي عالمي حصيد??ري جي مستقبل جي رستي جو خاڪو پيش ڪيو. هن ورڇ ڪندڙ بلاڪ پاليٽڪس ۽ وڏي طاقت جي مقابلي جي ت??ورن کان پري وڃڻ جي گڏيل ذميو??ري تي زور ڏنو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ ويجهي ت??اون ۽ گهڻ رخي شعبي عالمي حصيد??ري جي ضرورت آهي. هن عالمي ڊيجيٽل تعاون جي مرڪزن جي ت??قي، موسميا??ي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ سائوٿ – سائوٿ ٽه رخي ت??اون جي نقطه نظر جي ت??ويز پيش ڪئي.